اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسلام آباد جي ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن تائين وڌايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي معياري سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بنيادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وز??راعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وز??راعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ وز??راعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وز??راعظم جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وز??راعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ معياري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهولتن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اج??اس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو في??لو ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن جي پناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان معياري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.