اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته عالمي بر??در?? کي سربرينيشيا ۾ 25 سال اڳ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ ۽ قتلام جهڙن واقعن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿي?? جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، اڄ ڪشميري عوام کي ڀارت جي 8 لک فوج يرغمال بڻائي رکيو آهي، خدشو آهي ته اتي به اهڙو افسوسن??ڪ قتلام نه ٿئي. سربرينيشيا ۾ ٿيندڙ نسل ڪشيءَ جي 25 هين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزير??عظ?? عمران خان چيو ته مون کي قتلام جو اهو ڏينهن چڱي طرح ياد آهي، اهو واقعو انتهائي ڏک ۽ صدمي جو سبب آهي. هن چيو ته سربرينيشيا ڪڏهن گڏيل قومن جي امن فوج جي پرامن جنت هئي، اهڙي پرامن جڳهه تي 25 سال اڳ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو، مون کي اڃا به ان ڳالهه جو صدمو آهي ته عالمي بر??در?? ان واقعي کي ڪيئن رونما ٿي?? ڏنو. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان ان واقعي مان سبق سکون، عالمي بر??در?? کي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي ٻيهر رونما ٿي?? جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.