اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) صحت واري خا?? معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ قومي سلامتي واري خا?? معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ حڪومت سرجيڪل ماسڪ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 78 فوتگين سان هن وقت مجموعي فوتگيون 1395 ٿي ويون آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ فوتگين ۽ ڪيسن جي رفتار ۾ وڌ??ڪ تيزي جو امڪان آهي، فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ هيلٿ ماهرن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي، افغانستان حڪومت جي درخواست تي ضروري شين جي چرپر جي اجازت ڏني ??ئي آهي، پهرين جون کان 10 جون تائين وڌ??ڪ 20 هزار ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ گڏيل بريفنگ ڏئي رهيا هئا.