اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي عالمي برادري، گڏيل قومن ?? سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي، اسان واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيسري ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطرفي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آهي، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران تڪرار وڌيو ته ت??ل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي امن تي ان جا منفي اثر پوندا، اسان سڀني جي اولين ذميواري ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، پاڪستان اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آهي ۽ هو ايترو بي خبر آهي، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آهي.