اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف برٽش جونيئر اوپن اسڪوائش چيمپيئن شپ کٽڻ تي سهيل عدنان کي مبارڪب??د ڏيندي چيو آهي ته پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته سهيل عدنان 18 سالن کانپوءِ اسڪوائش جي اهم چيمپيئن شپ پاڪستان جي نالي ڪئي ۽ ملڪ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، سهيل عدنان جي فتح اسڪوائش جي ميدان ۾ پاڪستان جي شاندار ڪاميابين جي ياد تازي ڪري ڇڏي، سهيل عدنان قوم کي خوشي جو هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته پوري قوم کي توهان تي فخر آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف سهيل عدنان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.