اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ت??قي ج?? راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ت??قي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع تا??ين 3.1 بل??ن ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو وصول ٿيو، جيڪو نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ 5.6 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، ??سمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تا??ين مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهر??ين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ملڪ ۽ قوم جي ت??قي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جا نعرا هڻندڙن جون دعوائون کوکليُون رهجي ويون. هن چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ت??قي ج?? راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي، حڪومت ملڪي ت??قي ۽ عوامي ڀلائي ج?? لاءِ پرعزم آهي.