اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) اس??امي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ رابطه عالم اس??امي(ايم ڊبليو ايل) نياڻين جي تعليم لاءِ اس??ريٽجڪ حصيداري جي قيام لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن. جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان منعقد ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن دوران ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر حسين ابراهيم طه ۽ راب??ا عالم اس??امي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم محم?? شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به موجود هئا.