اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ??ئي آهي ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي مختلف وزارتن ۽ کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جي سفارشن جو جائزو وٺي وفاقي ڪابينا ۾ ٻيهر رپورٽ پيش ??ئي وڃي، جڏهن ته ڄاڻايل ڪميٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڪامرس، هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ رائٽ سائزنگ لاءِ ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪُجهه کي ضم ڪرڻ جي سفارش ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا ?? حڪومت جي رائٽ سائزنگ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي واپار واري وزارت، هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن جي رائٽ سائيزنگ جي حوالي سان س??ارشون پيش ڪيون. ڪميٽي ڄاڻايل وزارتن جي ڪجهه ادارن کي مڪمل بند ڪرڻ ۽ ڪجهه ادارن کي ضم ڪرڻ جي سفارش ??ئي آهي. ڪميٽي انهن وزارتن جي سيڪريٽريٽ ۾ عم??ي جون پوسٽون 30 سيڪڙو گهٽائڻ جي به تجويز ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انهن س??ارشن جي منظوري کانپوءِ قومي خزاني کي 42.1 ارب رپين جي بچت جو امڪان آهي. ڪابينا ميمبرن انهن تجويزن تي پنهنجي راءِ ڏني. وزيراعظم هدايت ??ئي ته ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ انهن وزارتن جي رائٽ سائزنگ بابت سفارشن ۽ ان تي عم??درآمد جو جائزو ورتو وڃي ۽ رپورٽ ٻيهر وفاقي ڪابينا ۾ پيش ??ئي وڃي. وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا ن??وي وفاقي ڪابينا کي پارا چنار جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارا چنار ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ ان حوالي سان وفاقي ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون گڏيل طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پارا چنار مان مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي استعمال هيٺ هيلي ڪاپٽر مخصوص ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پارا چنار جي سمورن اسپتالن ۾ ضروري دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻايو ويو آهي.