اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي
جي علائقي راجگال ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي
جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي سپاهي عامر سهيل آفريدي جي شهادت تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد سپاهي لاءِ بخشش ?? وارثن لاءِ
صبر جي دعا ڪندي چيو ته قوم جي پٽن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه
ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائيندا رهنداسين، حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن.