اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس هڪ لک ??وا??نٽس ??و تاريخي سنگ ميل پار ڪري و??تو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 813.52 ??وا??نٽس ??ي و??ڌ بعد 100082.77 پوائنٽس ??ي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. ٻي طرف سيڙپڪارن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي پاليسين جي تسلسل ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. گذريل ڏينهن مجموعي طور تي 450 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 289 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ واڌ، 117 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 44 ڪمپنين جي شيئرز ۾ ڪا به تبديلي نه ٿي. مجموعي طور تي 1164.79 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 39.77 ارب روپيا هئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 160.90 ??وا??نٽس ??ي اضافي بعد 31193.28 ??وا??نٽس ۽ اسلامي ماليات جي ايم آءِ 30 انڊيڪس 2437.74 ??وا??نٽس ??ي اضافي کانپوءِ 147220.79 ??وا??نٽس ??ي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 18.78 ارب روپين جي ڏي وٺ ٿي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن جو ڳاڻيٽو وڌي 45.7 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. اقتصادي ماهرن ۽ ڪاروباري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تاريخي اوسر کي ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جو ثبوت قرار ڏنو آهي.