راولپنڊي-15 نومبر (اي پي پي) بحرين جي نائب فرمانروا ڀائر ملڪن ۾ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌائڻ وارين ڪوششن جي اعتراف ۾ ايئر چيف مارشل کي بحرين ميڊل فرسٽ ڪلاس جي اعزاز سان نوازيو وي??. آ??ِ ايس پي آر موجب ايئر چيف مارشل کي بحرين جي ساخر ايئر بيس تي ميڊل سان نوازيو ويو. تقريب ۾ بحرين جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت شر??ت ڪئي. ايئر چيف مارشل ميڊل ڏي?? تي بحرين قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. ايئر چيف مارشل ظهر احمد سڌو سان بحرين انٽرنيشنل ايئر شو جي موقعي تي آم??يڪي ايئر فورس سينٽرل ڪمانڊ جي ڪ??انڊر ليفٽيننٽ جنرل ڊيرڪ فرانس جي ملاقات به ٿي. ايئر چيف مارشل ٻنهي اسٽريٽجڪ پارٽنرز وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪمانڊر سينٽرل ڪمانڊ علائقائي امن کي هٿي ڏي?? ۾ پاڪستان جي ڪ??ششن کي ساراهيو. بحرين انٽرنيشنل ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جي ايف-17 بلاڪ ٿري ويڙهاڪ جهازن شر??ت ڪئي. بحرين جي فرمانروا ايئر شو ۾ پاڪ فضائيه جي جٿي جي شرڪت کي ساراهيو.