اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪرد??ر اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پروبيشنري ??فيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري ??فيسر پنهنجي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري ??ا منتظر آهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عط?? الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري ??نبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪرد??ر اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آفيسر پنهنجي ذميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري ??فيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اهم حڪومتي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري ??فيسرن جي حوصلا افزائي ڪئي ته هو جمهوري ??مل ۾ عوام جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.