اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائ??ي دوسالي ۽ ڏکڻ وزيرستان جي علائقي خمرنگ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب س??ڪي??رٽي آپريشن تي س??ڪي??رٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪامياب آپريشن ۾ 6 خارجين کي جهنم واصل ڪرڻ ۽ 3 کي گرفتار ڪرڻ تي س??ڪي??رٽي فورسز کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، پوري قوم پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي انهن جي پيشيواراڻي مهارت ۽ به??دري تي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن سان اسان جي جنگ جاري رهندي.