اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ عالمي فوجداري انصاف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ٿ??ل ٻن ڏينهن وارو 45 هون ساليانو فورم آف دي پارليمينٽيرينز فار گلوبل ايڪشن ۽ 13 هون ڪنسلٽيٽو اسيمبلي آف پارليمينٽيرينز آن انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ پي اي ج?? صدر سيد نويد قمر جي اسلام آباد پلان آف گلوبل ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس پڌرائي سان پڄاڻي تي پهتو. فورم جي شرڪت ڪندڙن بحت ۽ پنهنجون تجويزون ??يش ڪيون. پي اي ج?? اجلاس ۾ شريڪ ميمبر ملڪن انسانيت خلاف ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن کي خراج تحسين ??يش ڪيو. ميمبر ملڪن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان مستقبل ۾ به عالمي امن ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزباني هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليمينٽري سروسز ۾ منعقد ان ٻن ڏينهن واري فورم ۾ پاليمينٽرينز، ماهرن، سرڪاري عهديدارن ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا شامل هئا جن قانون جي حڪمراني، انساني حقن جي تحفظ ۽ عالمي فوجداري عدالت جي روم جي آئين جي توثيق جهڙن موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افتتاحي سيشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار ??يا?? صادق، پارليامينٽيرنز فار گلوبل ايڪشن جي سيڪريٽري ج??رل مونيڪا ايڊم، صدر پاڪستان نيشنل گر??پ سينيٽر شيري رحمان ۽ پارليامينٽيرنز فار گلوبل ايڪشن جي صدر سيد نويد قمر خطاب ڪيو. پهرين پينل سيشن ۾ روم جي قانون جي عالمگير ۽ عالمي فوجداري قانون جي فريم ورڪ جي توسيع تي غور ڪيو ويو. منجهند جي سيشن ۾ قانون لاڳو ڪرڻ تي علائقائي تناظر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ سڌارن وارن قانونن کي اختيار ڪرڻ ۾ ??يش ايندڙ مسئلن کي سمجهيو ويو. فورم جي ٻئي ڏينهن پينل مباحثي ۾ مختلف اهم موضوع بحث هيٺ آيا، جن ۾ ”عالمي ج??سي ۽ صنفي بنيادن تي ڏوهن خلاف انصاف حاصل ڪرڻ“، ”عالمي ڏوهن خلاف عدم سزا لاءِ اثرائتي سهڪار“، ”انصاف، انساني حقن ۽ عالمي احتساب ۾ توازن“ ۽ ”عالمي فوجداري انصاف جي مستقبل جا موقعا“ شامل هئا. قومي اسيمبلي پاڪستان جي ايس ڊي ج??ز بابت پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني زور ڀريو ته پاڪستان عالمي انصاف لاءِ موجوده قانوني فريم ورڪ جي حمايت ڪري ٿو، شرط اهو آهي ته اهو غير جانبدار ۽ منصفاڻو هجي ۽ سياسي مفادن کان آزاد هجي. هن عالمي ڏوهن جي مرتڪب ماڻهن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ ايڊهاڪ ٽربيونلز، جي آءِ ٽيز ۽ معلوماتي اشتراڪ جي مڪينزم جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي ج??سي ۽ صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي معاملن تي عالمي برادري ج?? توجهه ڏياري ۽ ان مسئلي کي عالمي فورمز جيئن گڏيل قومون، سلامتي ڪائونسل ۽ پي اي ج?? ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته انساني حقن جي پاسداري ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ عالمي برادريءَ جي ذميواري آهي ۽ ان لاءِ ضروري آهي ته مالي وسيلا به فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ان فريم ورڪ کي فعال بڻائي لاڳو ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ پينل مباحثي ۾ نشاندهي ڪئي ته مختلف ملڪن جا مذهبي ۽ رواجي قانون ڪجهه وقتن ۾ عالمي قانونن مطابق ناهن هوندا جنهن سان عالمي قانوني فريم ورڪ جي قبوليت ۾ ڏُکيائيون پيدا ٿينديون آهن. هن عالمي قانونن جي چونڊ کي لاڳو ڪرڻ ۽ ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر شير علي ارباب عورتن يج تعليم، حقن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڀلائيءَ کي هٿي وٺرائڻ کي اجاگر ڪندي انهن قدمن سان عورتن کي بااختيار بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ معاشرتي سطح تي هاڪاري تبديليون اينديون. فورم جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ پي اي ج?? سيد نويد قمر ”اسلام آباد پلان آف گلوبل ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس“ ??يش ڪيو جنهن کان پوءِ هڪ مباحثو ٿيو جنهن ۾ فورم جي شرڪت ڪندڙن پنهنجون تجويزون ??يش ڪيون. پڄاڻيءَ تي پي اي ج?? سيڪريٽري ج??رل مونيڪا ايڊم، سردار ??يا?? صادق، صدر پي اي ج?? پاڪستان سيد نويد قمر ۽ چيئرپرسن پاڪستان نيشنل گر??پ سينيٽر شيري رحمان جو شڪريو ادا ڪيو. هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن فورم جي شرڪت ڪندڙن لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون ۽ ڪاميابيءَ کي يقيني بڻايو.