اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو جي قيادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻن??ي ملڪن گڏيل مفاد ۾ واپار، ڪاروبار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. هن ٻن??ي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن، اسڪالرشپ پروگرامن جي ذريعي ثقافتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻن??ي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا بي پناهه امڪان آهن. صدر زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ روس پاران سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اشڪ آباد جي دوري دوران صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي تازي خوشگوار ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. صدر برڪس جو ميمبر بڻجڻ جي لاءِ روس پاران پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. برڪس جو ميمبر بڻجڻ سان پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي تعاون ۾ پنهنجو ڪردار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ڌرين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ذريعي علائقائي رابطن، واپاري لاڳاپن، اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. روس جي فيڊرل ڪائونسل جي اسپيڪر ولنٽينا متوينڪو چيو ته روس پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي ترجيح ڏي ٿو، اميد آهي ت?? ٻن??ي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. معزز مهمان ٻطرفي واپار ۾ اضافي ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪامياب ميزباني، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل سيٽ تي پاڪستان کي مبارڪباد ڏني. صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل سيٽ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت تي روس جا ٿورا مڃيا.