اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پائيدار ترقي جا هدف اچيومينٽ پروگرام تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو 43هون اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ?? ڪميونٽي جي بنيادي ضرورتن بشمول تعليم، صحت، صاف پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ بجلي تائين پهچ کي وڌائڻ جي طريقيڪار تي ڌيان ڏنو ويو جيڪو پائيدار ترقي جي هدفن تي گڏيل قومن جي ايجنڊا طرف وٺي وڃي ٿو.