اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي ??د ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زه??ه بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغانستان جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مدا??لت آهي. هن چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ڪرڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمراهه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهي?? آهن ۽ اهو ته ان کي افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ??اهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ۽ افغانستان سميت سمورين رياستن کان اها اميد رکي ٿو ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.