اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ا??راهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندار ا??تقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ملائيشيا جي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ملائيشيا جي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن ملائيشيا جي وزيراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ا??راهيم دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪن??و. ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ا??راهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪن??و. دوري دوران پاڪستان ملائيشيا ٻطرفي تعاون جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائيشيا جي وزيراعظم سان گڏ اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخص??تن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخص??تن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪن??و جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ملائيشيا جو وزيراعظم پاڪستان – ملائيشيا بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪن??و.