اسلام آباد -23 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آهي، ته پوري قوم کي سپريم ڪورٽ ۾ مبارڪ ثاني ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو انتظار آهي، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان ??ي ايمان ??و بنيادي جزو آهي، دين جا اصل اڳواڻ عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوقون کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. گذريل ڏينهن انهن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين عالم سڳورن سان ملاقات دوران ??يو. وفاقي وزير چيو ته مبارڪ ثاني ڪيس جي تفصيلي فيصلي جو پوري قوم کي انتظار آهي، تفصيلي فيصلو جلد جاري ڪيو ويندو، ختم نبوت تي ايمان هر مسلمان ??ي ايمان ??و بنيادي ايڪو آهي، د??شت??ردي جي خاتمي لاءِ عالم سڳورن ۽ ٻين مذهبي اڳواڻن سان مشاورت جي شروعات ڪئي آ??ي. ??سان کي جنهن باهه ۾ ڌڪيو پيو وڃي اسان کي انهي مان نڪرڻو آ??ي. ??الم سڳورن ۽ ٻين اڳواڻن جي مدد سان ??ي اسان ??ن باهه مان نڪري سگهون ٿا. دين جا اصل اڳواڻ عالم سڳورا ۽ مشائخ آهن نه ڪي اهي ماڻهو جيڪي رياست خلاف بندوق کڻي گهمي رهيا آهن، نئين نسل کي محفوظ مستقبل ڏيڻ لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عالم سڳورن کي گڏجي ڪم ڪرڻو آ??ي. ??الم سڳورن ۽ مشائخن ملڪ ۾ انتهاپسندن ۽ د??شت??ردن جي بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي. ??سلام ۽ دين کي استعمال ڪري ماڻهن کي ورغلائي د??شت??ردي ۾ ملوث عنصرن جو رستو روڪڻو پوندو. رياست خلاف هٿيار کڻڻ وارو شخص يا تنظيم د??شت??رد آهي، اسان کي ملڪ خاطر د??شت??ردي جي لعنت خلاف گڏ ٿيڻو آ??ي. ??الم سڳورا يڪجهتي ۽ اتحاد جو پيغام ڏ??ڻ ته ان ??و اثر تمام گهڻو پوندو ۽ مضبوط پيغام ويندو، اسان کي اسلام جي نالي کي غلط استعمال ڪرڻ بند ڪرائڻو آهي، د??شت??ردي بابت عالم سڳورن جي تجويزن تي عملدرآمد به ڪرايو ويندو. وفاقي وزير سان ملاقات ڪندڙن ۾ جمعيت اهل حديث جي اڳواڻ حافظ فاروق اعواڻ، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو ميمبر آغا افتخار نقوي، عالمي اسلامي يونيورسٽي جو ڊائريڪٽر جنرل پروفيسر ضيا الحق ۽ مولانا عمران ??طاري شامل هئا.