راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ??يپ??ن احمد بدر شهيد جي گهر ويو ۽ شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان موقعي تي ??يپ??ن احمد بدر شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. گهرڀاتين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته ??يپ??ن احمد بدر شهيد اسان جو فخر آهي، قوم سندس قرباني ڪڏهن به نه وساريندي. هن چ??و ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان ناهن وينديون. وفاقي وزير چ??و ته شهيد جو والد هڪ عظيم ۽ باهمت پيءُ هجڻ جو ثبوت ڏنو، پنهنجي پٽ جي شهادت تي جنهن جذبي جو اظهار ڪيو، پوري قوم کي ان تي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ اهڙو جذبو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو. هن چ??و ته اڄ اسان پنهنجي گهرن ?? محفوظ آهيون ته اهو احمد بدر شهيد جهڙن شهيدن جي قربانين جي ڪري آهي. وفاقي وزير چ??و ته حڪومت ۽ پاڪ فوج خوارجي فتني جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، خوارجي فتني کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. هن چ??و ته 27 رمضان المبارڪ تي هن ملڪ جو وجود ۾ اچڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته هي ملڪ پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو. هن چ??و ته تاريخ ۾ اسلام جي نالي تي ٻه هجرتون ٿيون، هڪ هجرت مدينه ۽ هڪ هجرت 1947ع ۾ پاڪستان جي لاءِ ٿي، هي ملڪ عظيم قربانين سان حاصل ٿيو. هن چ??و ته شهيدن جو اسان تي قرض آهي، الله تعاليٰ ??يپ??ن احمد بدر شهيد جي طفيل اسان کي به توفيق ڏي ته اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون. شهيد احمد بدر جي والدين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ??يپ??ن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ڳالهائيندي چ??و ته مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد جو والد آهيان، جنهن دليريءَ ۽ جرئت سان منهنجي پٽ شهادت کي ڳلي لڳايو ان سان منهنجو ڳاٽ فخر سان بلند ٿي ويو. هن چ??و ته شهادت کان اڳ منهنجي پٽ کي ان جي ساٿي چ??و ته دشمن بلڪل سامهون آهي، پٺتي هٽي وڃو، پٽ چ??و ته جيڪڏهن آئون پٺتي هٽي ويس ته قوم ۽ فوج کي ڪهڙو جواب ڏيندس. هن چ??و ته پوري قوم منهنجي پٽ جي شهادت تي جن جذبن جو اظهار ڪيو ان تي پوري ملڪ جو دل سان ٿورائتو آهيان. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڪالهه جمعي ڏينهن راولپنڊي ۾ موجود ??يپ??ن احمد بدر شهيد جي گهر پهتو ته ??يپ??ن احمد بدر شهيد جي والد ڪرنل رٽائرڊ بدرالدين ۽ ٻين پونئيرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي گلي لڳايو ۽ شهيد ??يپ??ن احمد بدر کي خراج عقيدت پيش ڪيو.