اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگ??ئي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته آگسٽ مهيني ۾ مهانگ??ئي جي شرح 9.6 سيڪڙو اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي، معاشي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ ج?? شرح ۾ وڌيڪ گهٽت??ئي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گه?? نه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڳڻپ واري اداري پاران جاري رپورٽ ۾ آگسٽ 2024ع دوران مهانگ??ئي جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ جي اعلان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت نظر اچي رهي آهي، آگسٽ مهيني ۾ مهانگ??ئي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي اچڻ معيشت ۾ بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدمن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل ٽن سالن ?? مهانگ??ئي جي گهٽ ترين شرح جو ڪريڊٽ حڪومتي ٽيم جي محنت ڏانهن وڃي ٿو، ناڻي واڌ ۾ گهٽت??ئي ناڻي واري وزار?? جي اڪنامڪ آئوٽ لُڪ رپورٽ جي اڳڪٿي جي عين موجب آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته آگسٽ 2024ع ۾ ناڻي واڌ ج?? شرح 9.5 کان 10.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهندي. هن چيو ته معاشي ماهرن پاران سيپٽمبر جي مهيني ۾ ناڻي واڌ ج?? شرح ۾ وڌيڪ گهٽت??ئي جي اڳڪٿي قوم جي لاءِ خوشخبري کان گه?? نه آهي، 2018ع ۾ به ناڻي واڌ ج?? شرح کي سنگل ڊيجٽ تي ڇڏي ويا هئاسين، 2018ع کانپوءِ چار سالن ?? ڏوهاري غفلت ۽ عوام دشمن پاليسين جي ڪري معيشت بدحالي جو شڪار رهي، مهانگ??ئي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو ۽ عوام جي لاءِ پريشاني جي دور جي شروعات ٿي. هن چيو ته اسان پنهنجي سياس?? جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، معاشي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان نه رڳو معيشت مستحڪم ٿي پر ترقي طرف گامزن آهي، خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ عوام سان وچن ڪيو هو ته انهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس. هن چيو ته الله تعاليٰ جو وڏو ڪرم آهي جو پنهنجا واعدا پُورا ڪرڻ طرف گامزن آهيون، حڪومتي معاشي سڌارن جا مثبت نتيجا عوام جي خوشحالي جي صورت ۾ عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، عام ماڻهو جي زندگي کي آسان ۽ ان جي معاشي خوشحالي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي.