راولپنڊي -03 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 03 ڪ??ررواين ۾ 06 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 ڄڻن کي گ??فتار ڪيو آهي. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري تفصيلن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خاتمي بابت ڪارروائي دوران 6 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 5 جوابدارن کي گ??فتار ڪيو ويو. پهرين ڪارروائي ڄامشورو بس اڏي ويجهو جوابدار وٽان 03 ڪلو گرام چرس هٿ ڪيو ويو. ٻي ڪارروائي ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڪئي وئي جتان 03 جوابدارن کي گ??فتار ڪري 02 ڪلوگرام چرس جڏهن ته ٽئين ڪارروائي مانوالا اسٽاپ لاه??ر جي ويجهو ڪئي وئي ج??ي هڪ عورت وٽان هڪ ڪلو هيروئن هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو يوي آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.