شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ چي?? جي ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ڪمپني هواوي جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، ان موقعي تي چيني ڪمپني ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون، چيئرمين هواوي پاڪستا?? جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزيراعظم هواوي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ پاڪستا?? جي مختلف شهرن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي د??وت ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هواوي جي هيڊڪوارٽر اچڻ تي هواوي جي چيئرمين ليانگ هوا وزيراعظم شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو. هواوي هيڊڪوارٽر پهچڻ تي پاڪستاني ملي نغما وڄايا ويا. وزيراعظم هواوي هيڊڪوارٽر ۾ ايگزيبيشن سينٽر جو دورو ڪيو. چيئرمين هواوي وزيراعظم کي هواوي جي سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ آپريشنز بابت آگاهه ڪيو ۽ پاڪستا?? جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هواوي جي آپريشنز جي جدت کي ساراهيو ۽ هواوي کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ترغيب ڏني. نمائشي مرڪز ۾ وزيراعظم کي مختلف شعبن خاص طور تي اي گورننس، ڊيجيٽل بئنڪنگ، ٽيلي ڪميونيڪشن، مصنوعي ذهانت جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هواوي جي تعاون سان پاڪستان ۾ ٺهندڙ سيف سٽي منصوبن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظ?? ۽ ??اڪستاني وفد جي چيئرمين هواوي سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي حڪومت جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم هواوي کي پاڪستا?? جي مختلف شهرن خاص طور تي اهڙا شهر جن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري آهي انهن ۾ ترجيحي بنيادن تي سيف سٽي منصوبا قائم ڪرڻ جي د??وت ڏني. وزيراعظم چيو ته حڪومت سرڪاري آفيسن کي ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ٽيڪس جي نظام، اي گورننس، مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ هواوي جهڙي وڏي ڪمپني جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف هواوي جي چيئرمن کي پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري جي د??وت پڻ ڏني. وزيراعظم هواوي جي چيئرمين کي جلد پاڪستا?? جي دوري جي پڻ د??وت ڏني. بعد ۾ وزيراعظم هواوي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. فريم ورڪ ايگريمينٽ تحت هواوي پاڪستا?? جي 2 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي بشمول مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ مفت تربيت فراهم ڪندو. ان کانسواءِ هواوي پاڪستان ۾ سيف سٽيز قائم ڪرڻ، اي گورننس ۽ معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ پڻ ڀرپور تعاون فراهم ڪندو. هواوي جي چيئرمين وزيراعظ?? ۽ ??اڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.