آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ج?? لاءِ قزاخستان جي شهر آستانه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر ??نرل نور سليم علي يرگيلم، آستانه ۾ پاڪستان جي سفير نعمان بشير ڀٽي ?? پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغوب سليم ڪيو. آستانه ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار قزاخستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نائب وزيراعظم جي ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪلوبايف سان آستانه ۾ پڻ ملاقات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ج?? لاءِ بشڪيڪ جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.