راولپنڊي-16 اپريل (اي پي پي) ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس فلسطيني ??وام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي غزه ۾ انساني ??قن جي سنگين خلافن ورزين، جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشيءَ جي مذمت ڪئي. فورم وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇِڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چ??و ته ??يڪڏهن ڌُرين فوري طور ڇِڪتاڻ کي گهٽ نه ڪيو ته هڪ وسيع علائقائي تڪرار جنم وٺي سگهي ٿو. فورم هٿياربند فوج جي حوصله شڪنيءَ لاءِ بدنيتيءَ تي ٻَڌل پروپيگنڊا مهم تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ زور ڀريو ته ??ن بي بنياد الزامن جو مقصد عوام ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج وچ ۾ ڏار وِجهڻ جي ڪوشش آهي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي س??براهه جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 264هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس منعقد ٿي، ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو و??و، جن ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. آرمي چ??ف دهشتگرديءَ خلاف جاري آپريشنز دوران ڪيترن ئي دهشتگرداڻن حملن کي ناڪام بڻائڻ ۽ اهم دهشتگردن جي اڳواڻن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ ۾ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اڻٿڪ ڪوششن کي س??راهيو. آرمي چ??ف ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته ??هشتگردن کي ڪنهن به جڳهه تان فعال ٿيڻ نه ڏين. آرمي چ??ف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پوري قوم جي حمايت حاصل آهي. هٿياربند فوج پاڪستان مان دهشتگرديءَ جي ان خطري کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي- انشاءَ الله. فورم بشام ۾ چيني ??هرين تي بزدلاڻي دهشتگرداڻي حملي ۽ بلوچستان ۾ معصوم شهرين جي بي رحماڻي قتل جي مذمت ڪئي. فورم کي بريفنگ ڏني وئي ته ڪهڙيءَ طرح افغانستان مان سرگرم دهشتگرد علائقائي ۽ـ عالمي سلامتيءَ لاءِ خطرو آهن. فورم کي بريفنگ ۾ ٻُڌايو و??و ته هي دهشتگرد گروهه پاڪستان ۽ ان جي اقتصادي مفادن خاص ڪري چ??ن پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) خلاف پراڪسي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. فورم غير قانوني ??ور تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ جاري ڀارتي اڳرائيءَ تي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀيڻن ڀائرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. فورم هٿياربند فوج جي حوصله شڪنيءَ لاءِ بدنيتيءَ تي ٻَڌل پروپيگنڊا مهم تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قانون لاڳو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي بي بنياد الزام هڪ وطيرو بڻجي چڪو آهي. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته ??ن بي بنياد الزامن جو مقصد عوام ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج وچ ۾ ڏار وِجهڻ جي ڪوشش آهي، اسان اهڙين ڪوششن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ان خلاف قانون ۽ آئين مطابق سخت ڪارروائيءَ کي يقيني ??ڻايو و??ندو. فورم جو ملڪ ۾ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي حاصلات لاءِ حڪومت کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چ??و ته پائيدار سماجي اقتصادي ترقي جي حاصلات ۾ غير قانوني ??سپيڪٽرم خاص ڪري اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چ??ري ۽ سمورن غير قانوني پرڏيهين جي محفوظ واپسي خلاف ڀرپور تعاون فراهم ڪنداسين. آرمي چ??ف فيلڊ ڪمانڊرز کي هدايت ڪئي ته ??پريشنل تياري ۽ مورال جي اعليٰ ترين معيار کي يقيني ??ڻائين ۽ تربيت جي اعليٰ معيار ذريعي پيشوراڻي مهارت حاصل ڪن.