اسلام آباد– 01 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سومر ڏينهن داسو، ڪوهستان جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيني شهرين تي بشام واري جڳهه تي ٿيندڙ تازي دهشت??رد حملي جي ڏس ۾ داسو ٽيم منصوبي ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي انجنيئرز سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم چيني انجنيئرز ۽ ور??رز سان تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندو. بشام ۾ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ وزيراعظم چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ فوري ۽ واضح قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي چيني انجنيئرز ۽ ور??رز سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو.