اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته صدر وفاق جي ع??ام?? آهي. آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدر لاءِ ووٽ ڏنو آهي. اڳوڻي صدر پنهنجا اختيار وفاق ۽ صوبن کي ??نت??ل ڪري ملڪ جي استحڪام لاءِ شاندار روايت ق??ئم ڪئي. هن صدارتي چونڊ لاءِ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ملڪ ۾ قومي، ثقافتي بين النسل هم آهنگي جي روايت جو امين ۽ ع??ام?? هوندو آهي. مضبوط صدر مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي. ان ڪري ايم ڪيو ايم آصف علي زرداري کي غير مشروط طور صدارتي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو زرداري اڳوڻي صدر طور پنهنجا اختيار پارليامنٽ ۽ صوبن کي ڏئي تاريخ لکي، جنهن سبب صوبن ۽ وفاق ۾ اعتماد ۽ استحڪام جو رشتو مضبوط ٿيو.