راولپنڊي-08 فيبروري (اي پي پي)ملڪ جي هٿياربند فوج سال 2024ع جون عام چونڊون پرامن ۽ تشدد کان پاڪ منعقد ڪرڻ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هٿياربند فوج کي سيڪيورٽي ادارن سان گڏجي چونڊ عمل ۾ مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي فخر آهي، هٿياربند فوج آئيني اختيارن تحت چونڊن کي پرامن بنائڻ کي يقيني بڻايو، اسان کي پوري ا??يد آهي ته اسان جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ هيءَ اليڪشن پاڪستان ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجندي ۽ پاڪستاني عوام جي ا??نگن کي پورو ڪرڻ لاءِ ??اهه هموار ڪندي. آءِ ??يس پي آر موجب سال 2024ع جي عام چونڊن ۾ تقريبن 6000 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي 7800 کان وڌيڪ ڪوئيڪ ريسپانس فورس ۽ مجموعي طور تي 137000 فوجي جوانن ۽ سول آرمڊ فورسز محفوظ ماحول کي يقيني بڻايو. آءِ ??يس پي آر جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ 51 بزدلاڻن دهشتگرد حملن جو مقصد چونڊ عمل کي متاثر ڪرڻ هو، ان باوجود پاڪ فوج پرعزم رهي ۽ پوري پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي کي موثر طريقي سان يقيني بڻايو. انهن حملن ۾ 10 سيڪيورٽي ا??لڪارن سميت 12 ڄڻا شهيد ۽ 39 زخمي ٿيا، فعال انٽليجنس حڪمت عملي ۽ فوري ڪارروائي ذريعي ڪيترن ئي ا??ڪاني خطرن کي ناڪام بڻايو ويو جيڪو شهري?? جي جمهوري حق?? جي تحفظ لاءِ ??سا?? جي سيڪيورٽي ا??جنسي?? جي اڻٽٽ عزم کي ظاهر ڪري ٿو، مختلف ڪاررواين دوران 5 دهشتگرد به ماريا ويا. آءِ ??يس پي آر جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا جن جمهوري عمل جي تحفظ لاءِ هٿياربند فوج سان گڏجي ڪم ڪيو، اسان کي پوري ا??يد آهي ته اسان جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ هيءَ اليڪشن پاڪستان ۾ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻجندي ۽ پاڪستاني عوام جي ا??نگن کي پورو ڪرڻ لاءِ ??اهه هموار ڪندي. هٿياربند فوج ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان رياست جي جمهوري روايت?? جي تحفظ لاءِ ??ڻٽٽ حمايت فراهم ڪرڻ لاءِ ??يار آهيون.