ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان اطلاعات واري نگران صو??ائي وزير محمد احمد شاهه ملاقات ڪئي. جاري پڌرائي مو??ب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صو??تحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عام چونڊن جي انتظامن، صحافين کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران صو??ائي وزير نگران وفاقي وزير کي صو??ي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن جي لاءِ ضروري فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جي صو??تحال برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ صو??ي کي پرامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ر??ليشنز محمد سليم خان پڻ مو??ود هئا.