اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي سينيئر صحافي بابر اعجاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته ناليواري صحافي، ليکڪ، مفڪر، دانشور، امن پسند انساني حقن جي ڪارڪن ۽ دائمي جمهوريت پسند بابر اعجاز جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. الله ??عاليٰ مرحوم جي روح کي اب??ي سڪون عطا فرمائي.