??سل??م آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان 6 جنوري تي ڪابل جي علائقي دشت برچي ۾ ٿين??ڙ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آه?? ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام معصوم جانين جي زيان تي افغان عبوري حڪومت ۽ افغانستان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظ??ار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪن ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آه?? ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ افغانستان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.