اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگناهه ف??سط??نين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال جي مذمت ڪندي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ ف??سط??نين جي لاءِ انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها غ??ه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي ف??سط??ني شهرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي شديد ڳڻتي آهي جنهن ۾ عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت هزارين ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان يروشلم سميت سمورن والاريل عرب علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا سان گڏوگڏ ف??سط??نين جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪرڻ جو حامي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف جي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سفارتي سندون پيش ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو. اردن جي نامزد سفير ڊاڪٽر مين اي ايم خرياسات، هولي سي جي نامزد سفير آرچ بشپ جرمنو پينيموٽ اپوسٽولڪ نونسيو، جمهوريه چيڪ جي نامزد سفير لاڊيسيلا وسٽين هوبل، برونائي دارالسلام جي نامزد هاءِ ڪمشنر ڪرنل (ر) پنگيرن حاجي ڪمال باشا ۽ پاڪستان ۾ قطر جي نامزد سفير علي مبارڪ الخاطر صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي پنهنجي سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ بعد ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ف??سط??ن جي صورتحال تي گهري نظر رکي آهي ۽ ف??سط??ني عوام جي ناقابل تنسيخ حقن جي بحالي چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ف??سط??ن ڪاز جي مسلسل حمايت ڪئي آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن عر?? اسرائيل تڪرارن جو ٺوس حل چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان سمورن دوست ملڪن سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ ??ضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان هڪ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي آهي، جنهن پاڪستان جي آءِ ٽي، ڪارپوريٽ فارمنگ، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي آهي. صدر ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر سفيرن کي انهن جي نئين ذميوارين تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ ??ستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.