اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائداعظم يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ ٽاپ پوزيشن هولڊرز کي ميڊلز ۽ ڪامياب شاگردن کي ڊگريون ڏنيون، 10 هين ڪانووڪيشن 2023ع جو ان??قاد ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ٿيو، يونيورسٽي جي ڪل 7738 شاگردن ۾ ڊگريون ورهايون ويون. 36 شاگردن کي چانسلر ميڊلز جڏهن ته 232 شاگردن کي وائيس چانسلر ميڊلز ڏنا ويا. قائداعظم يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 2345، فيڪلٽي آف بائيولاجيڪل سائنسز 2218 ۽ فيڪلٽي آف سوشل سائنسز 3175 شاگردن کي بي ايس، ايم ايس سي، ايم ??ل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون. ان موقعي تي تعليم ??اري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان حڪومت جي پاليسي آهي ته تعليم کي هر سطح تي فروغ ڏنو وڃي ۽ آئون تحقيق ۽ تعليم جي وسيلن جي لاءِ حڪومتي حمايت جو يقين ڏياريان ٿو. هن تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ جو ذڪر ڪندي چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بنيادي سهولتن جي فراهمي ان??هائي ضروري آهي. ان موقعي تي هن ٽيڪنيڪل تعليم جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. تقريب کي خطاب ڪندي قائداعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نياز احمد اختر چيو ته يونيورسٽي جي عالمي درجابندي کي بهتر بڻائڻ، پنهنجي وسيلن ۽ صلاحيتن کي پوري طرح ??ان استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي ٽاپ 200 يونيورسٽين ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ ا??ان جي هدفن مان هڪ آهي. ان کانسواءِ ا??ان جو مقصد ڪئمپس سروسز ۽ ان??ظامي عمل ۾ ڊيجيٽل سسٽم کي لاڳو ڪرڻ آهي. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽي پنهنجي تعليمي پروگرامن جو نئين سر جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن موثر شعبن جي نشاندهي ڪندي انهن کي نوڪرين جي گهرج ??ان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته ا??ان پنهنجي سڃاڻپ کي علمي معيشت جي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. وائيس چانسلر يونيورسٽي جي 10 هين ڪانووڪيشن جي ڪامياب ان??قاد تي استادن ۽ عملي سميت ڊگريون حاصل ڪندڙ سمورن معزز شاگردن کي دلي مبارڪباد ڏني.