اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي ??اڪ??تان جي ترقي ۾ اهم ??نگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش جاري رکيون آهن، سي پيڪ روڊ انفراسٽرڪچر، پاور سيڪٽرز ۽ صنعتي زونز ۾ 62 ارب ڊالر جي ڪامياب منصوبن جي شڪل ۾ اهم ??نگ ميل حاصل ڪيو آهي، روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ايڪسپورٽ پروسي??نگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان جلد سٺيون خبرون اينديون، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪري. ب??ري?? يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ سي پيڪ آرٽ نمائش کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ) B2G کان B2B ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سي پيڪ جي ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌيا آهن جڏهن ته چين ۽ ??اڪ??تان جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته فن ۽ ثقافت جو انساني زندگين تي گهرو اثر پوي ٿو، اها ڳالهه حوصلي جوڳي آهي ته نمائش ۾ نه رڳو فن کي پيش ڪيو پيو وڃي پر ان ۾ انٽريڪٽو ميڊيا کي به شامل ڪيو ويو آهي، اميد آهي ته نئين انٽريڪٽو ميڊيا نوجوانن کي پنهنجي طرف ڇڪيندي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي حڪومت سلي پيڪ منصوبن ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون جاري رکيون آهن. هن ب??ري?? يونيورسٽي ۽ چائنا ميڊيا گروپ کي آرٽ نمائش منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن سال اسان سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه ملهائي ره??ا آهيون، مون کي يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون نئين بلندين تائين پهچندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين ۾ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ ??اڪ??تان جي نمائندگي ڪري ره??و آهي. هن چيو ته روڊ انفراسٽرڪچر، گرين انيشي ايٽو، ٽيڪنالاجي، ايڪسپورٽ پروسي??نگ زونز، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ ايم ايل ون جي حوالي سان سٺيون خبرون اينديون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته موجوده نگران حڪومت جو وچن آهي ته جنهن حالت ۾ ملڪ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڇڏي وينداسين. هن چيو ته اڄ ڪافي ماڻهن جي چهرن تي رونق آ??ي، نگران حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام کي پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وفاقي حڪومت، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا گڏجي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منتقل ڪن. هن چيو ته گذريل هفتي جمعي ڏينهن اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي هئي، عالمي ادارا پڻ ايندڙ سال ??اڪ??تان جي جي ڊي پي ۾ ٻيڻي اضافي جي اڳڪٿي ڪري ره??ا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش هجڻ گهرجي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿئي، ملڪ چونڊن طرف اڳتي وڌي. ??اڪ??تان اڳتي وڌندو ته سي پيڪ جا فائدا به بهتر طريقي سان ملندا.