اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان ترقي پسند، جمهوري ۽ پرامن قوم طور اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسان کي ??اضي جي غلطين کي ??ساري مستقبل طرف ڏسڻو پوندو، تڪرارن کان بچڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۾ سينٽر فار افغانستان، مڊل ايسٽ اينڊ آفريقا، يونائيٽيڊ اسٽيٽس انسٽيٽيوٽ فار پيس (يو ايس آئي پي) جي تعاون سان ”خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ان اکان اڳتي: پاڪستان جو ڪردار“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان هڪ اهڙي قوم بڻجڻ چاهيون ٿا جيڪا پنهنجي ماڻهن جي سارسنڀال ڪرڻ ڄاڻندي هجي ۽ پنهنجي عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏي. هن چيو ته دنيا جي وڏين طاقتن جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کان بچڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. حڪومت پنهنجي عوام ۽ ملڪي معيشت تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان جا چين ۽ ايران س??ن لاڳاپا اڳ ۾ ئي سٺا آهن جڏهن ته اسان پنهنجي ٻين پاڙيسرين سان پڻ بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا وچ ??وڀ?? س??ن لاڳاپا تمام سٺا آهن، تيل جي دولت سان مالامال انهن ملڪن سان اقتصادي ۽ واپاري ل??ڳاپن کي ??ڌيڪ بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان عملي طور تي بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي، افغانستان س??ن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي ل??ءِ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن جي باوجود هيستائين گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا. هن چيو ته بدقسمتي سان ويجهي ماضي ۾ اسان جي سرزمين تي 24 خودڪش حملا ٿيا جن مان 14 افغان شهرين ڪيا. هن چيو ته ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود اسان پاڙيسري ملڪ افغانستان س??ن لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ??از?? ئي معيشت کي ??ضبوط بڻائڻ، واپار کي ??روغ ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي ل??ءِ ايس آئي ايف سي تحت ڪيترائي قدم کنيا آهن، اسان جو سمورو ڌيان معيشت ۽ واپار تي آهي.