اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي لکيل خط ۾ ايف ڊي اي تحت اسڪولن ۾ بي ضابطگين جو سخت نوٽيس ورتو آهي. وفاقي وزير ??يف ڊي اي کي حڪم ڏنو ت?? هو اسڪولن جي خراب حالت بابت وضاحت فراهم ڪري، هن ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو هو ته ان مجموعي ناڪامي جي ذميواري طئي ڪري ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي طرح جون حالتون پيدا نه ٿين. وفاقي وزير ??هو به حڪم ڏنو ته هاڻي انتظامي/تعليمي عهدن (بي ايس 19 ۽ ان کان مٿي) جي آفيسرن جون سموريون مقرريون/بدليون، سيڪريٽري M/o /FE&PT جي مشاورت سان ۽ وفاقي وزير ??ي منظوري کانپوءِ ڪيون وينديون. نگران وزير مدد علي سنڌي ايف ڊي اي کي حڪم ڏنو ت?? هو اهڙي طرح جي سنگين خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ انتظامي، تعليمي ۽ مالياتي چئلينجن جي باري ۾ هڪ جامع بريفنگ ڏي. پهرين جي هڪ خط ۾ وفاقي وزير ??يف ڊي اي کي حڪم ڏنو هو ت?? هو ايف ڊي اي ڪيزيردست سمورين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيئڻ جي صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي فراهمي سان گڏوگڏ سمورن اسڪولن جي ڪلاس رومز، باٿ رومز، راندين جي ميدانن ۽ اڱڻ جي مرمت ۽ سرسنڀال کي به يقيني بڻائي. وفاقي وزير ??يف ڊي اي کي استادن، چوڪيدارن ۽ مالهين سميت عملي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ??و. ??فاقي وزير ??نتظامي عهدن تي مقرر استادن جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو. وفاقي وزير چيو ته هي سندن بنيادي ڪم ناهي، استادن کي تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.