اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بي گهر ۽ بزرگ ماڻهن کي سموريون بنيادي سه??لتون ۽ زندگي جون ضرورتون پهچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرنديءَ وارن، فلاح?? ادارن ۽ معاشري جي ٻين طبقن کي بزرگ ماڻهن جي سارسنڀال جي لاءِ خصوصي ڪوششون ڪرڻ گ??رج??. هن اهڙن خيالن جو اظهار اولڊ ايج هوم عافيت ملتان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪ??ي. ??در چيو ته اسلام بزرگن جي احترام ۽ انهن جو خيال رکڻ کي خاص اهميت ڏي ٿو، ان ڏس ۾ والدين اسلامي تعليم موجب اولاد جي سٺي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪن. هن چيو ته والدين جا حق پورا ڪرڻ اولاد جي اولين ذميوارين مان آهي، بزرگ ماڻهن جي لاءِ قانوني ۽ معاشرتي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آ??ي. ??در چيو ته معاشري ۾ لاچار ماڻهن ۽ بزرگن جي ڀلائي لاءِ حڪومت?? ادارن، غيرسرڪاري تنظيمن، سول سوسائٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻ گ??رج??. صدر بزرگ ماڻهن جو خيال رکڻ تي تاري زمين پر ٽرسٽ ۽ عافيت جي ڪردار کي ساراهيو. بعد ۾ صدر بزرگ ماڻهن جي لاءِ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو.