اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پاڪستان جي اع??از سان نوازيو. چين ج?? نائب وزيراعظم کي اع??از ڏيڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪستان جو اع??از عطا ڪيو. وزيراعظم محمد شه??از شريف، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين ج?? نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين?? نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان جو اع??از ڏيڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چين?? ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر اچڻ تي چين ج?? نائب وزيراعظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. چين ج?? نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اسلام آباد پهچڻو هو.