اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيندي اميد ظاهر ڪئي آ??ي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ا??ند??. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزي??اع??م شهباز شريف آءِ ايم ايف سان معاهدي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ تي سريلنڪا جي صدر جا ٿورا مڃيا. وزي??اع??م چيو ته توهان پاڪستان جي دوست ۽ خيرخواهه جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان ج?? عوام پاران توهان جا ٿورا مڃان ٿو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها بااعتماد دوست آهن، علائقائي ترقي ۽ امن جي لاءِ سريلنڪا جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن ??يو ته اميد آ??ي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا موجوده معاشي مشڪلاتن جي ڀنور مان جلد نڪري ا??ند??. سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي وزي??اع??م پاران نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا ۽ جوابي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست آهي، دوستن جي مدد ڪرڻ ئي دوستي آهي. سريلنڪا جي صدر وزي??اع??م شهباز شريف جي مشڪل حالتن ۾ ڪوششن کي ساراهيو. سريلنڪا جي صدر آءِ ايم ايف معاهدو طئي ٿيڻ تي وزي??اع??م کي مبارڪباد ڏني. واضح ر??ي ته وزي??اع??م شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽڙ ڪرسٽلينا جارجيوا سان ملاقات جي موقعي تي سريلنڪا جي صدر زور ڏنو هو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جي مدد ڪري. سريلنڪا جي صدر ايم ڊي آءِ ايم ايف کي چيو هو ته ڪنگال ٿيڻ جي ڪري سريلنڪا کي سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پيو، پاڪستان کي ان صورتحال کان بچايو وڃي.