اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف ان??ور??س ڪارپوريشن ??ف پاڪستان کي ان??ور??س کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽن جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم ان??ور??س ڪمپنين ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيلن جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته ان??ور??س ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري رهيون آهن، ان??ور??س ڪمپنيون ان??ور??س کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي ان??ور??س جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون هيون. پاليسي هولڊرز کي مجاز ميڊي??ل آفيسرز ۽ ان??ور??س ڪمپنين جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ لائيف ان??ور??س جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ لائيف کي ٻن پاليسي هولڊرزن جي خاندانن جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ لائيف کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپين جي لائيف ان??ور??س پاليسيون حاصل ڪيون، پاليسي هولڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن ان??ور??س ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ لائيف سان رابطو ڪيو پر ان??ور??س کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ لائيف کين ان بنياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پاليسي هولڊرز ان??ور??س کان پهرين انه?? بيمارين جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان جي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ لائيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي پاليسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊي??ل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊي??ل آفيسرز جي ذريعي بيمارين جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته ميڊي??ل آفيسرن جون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پاليسي هولڊرز جي طبي معائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ادائيگين کان انڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊي??ل آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ناقص بنيادن تي ان??ور??س ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ لائيف ان??ور??س کان پهري?? بيمارين جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف لاڳاپيل خاندان جي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيمارين جي باري ۾ ان??ور??س پاليسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي مرضن جي خدشن جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.