اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ چ??ني ڪمپني جي پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي آجيان ڪندي چي?? آهي ته پاڪستان چ??ني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سروس لانگ مارچ ٽائرز ۽ چائيويانگ لانگ مارچ ٽائرز جي وفد چيئرمين لي چنگوين جي قيادت ۾ ملاقات ??ئي. خصوصي صلاحڪار طارق پاشا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم وفد جي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت ۾ ناليواري پاڪستاني ڪمپني سان جوائنٽ وينچر جي ذريعي سيڙپڪاري جي آجيان ??ئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چ??ني ڪمپني جي سيڙپڪاري سان قائم پلانٽ سان پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائر عالمي منڊين ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪمپني جي پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽائرن هڪ سال جي گهٽ وقت ۾ عالمي منڊين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي. ڪمپني پاڪستان ۾ ٽائرن جي پيداوار کي وڌائي سالياني روانگي واپار کي 200 ملين ڊالر تائين کڻي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي چ??ني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ٽائرن جي صنعت جي بهتري لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ??ئي. هن لاڳاپيل عملدارن کي ٽائرن جي اسمگلنگ کي روڪڻ ک?? يق??ني بڻائڻ ۽ ٽائر ۽ اسپيئر پارٽس جي اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ جامع پاليسي جلد پيش ڪرڻ جي به هدايت ??ئي. وزيراعظم چي?? ته چي?? پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چي?? پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ ڀائرن وانگر مدد ??ئي. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان چ??ني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندو.