اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ج??پا??ي حڪومت جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين ج??پا?? جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير جو دورو ج??پا?? سان گهڻي وقفي کانپوءِ قيادت جي سطح ت?? رابطن جي بحالي جو اشارو ڏي ٿو. پرڏيهي وزير دوري دوران پنهنجي ج??پا??ي هم منصب يوشيما ساحياشي سان وفدن جي سطح ت?? ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير ج??پا?? جي وزيراعظم فوميو ڪيشيدا سان پڻ ملاقات ڪندو. هو ج??پا?? جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ٽيڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خطاب ڪندو جيڪا ج??پا?? جي هڪ مشهور ٿنڪ ٽينڪ آهي. پاڪستان ۽ ج??پا?? جا ڊگهي عرصي کان لاڳاپا قائم آهن جن جي خصوصيت گرمجوشي، دوستي ۽ مسئلن تي هڪ جهڙا خيال آهي. پرڏيهي وزير جي ج??پا?? ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي درآمد بابت ناليوارن بزنس هائوسز ۽ ادارن جي نمائندگي ڪندڙ سينيئر عملدارن ۽ ايگزيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه پڻ متوقع آهي.