اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن کي جا??ع تعليم ڏ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ تعليم ڏ??ڻ جي لاءِ استادن کي تربيت ڏني وڃي، منفرد صلاحيتن وارن ٻارن کي م??ياري تعليم فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هو منفرد صلاحيتن وارن ٻارن جي تعليم بابت ماهرن سان ملاقات ڪري رهي هئي. خاتون اول خصوصي ٻارن جي تعليم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ماهر ڊاڪٽر فوزيه خان سان ملاقات ڪئي. خاتون اول عالمي صحت واري اداري، نجي تعليمي ادارن جي ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن طرف امتيازي سلوڪ جو خ??تمو ڪرڻو پوندو، بيگم ثمينه علوي پاڪستان ۾ ماسٽر ٽرينرز کي خصوصي ۽ جا??ع تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏيڻ ۾ آمريڪي تعليمي م??هر جي دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي م??يار جي خصوصي تعليم جي تربيت سان پاڪستاني استاد فائدو کڻن، خصوصي ٻارن کي نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ تعليم ڏ??ڻ جي لاءِ استادن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ خصوصي ۽ جا??ع تعليم جي لاءِ هيستائين ڪيل قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جامع ڪلاس روم ۾ خصوصي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن خصوصي ٻارن جي تعليم جي لاءِ استادن جي تربيت جي شروعات پرائمري سطح کان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.