حيدرآباد- 15 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خا?? چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيل صورتحال جو لاڳيتو جائزو وٺي رهيا ??هيون، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي، ڪوشش آهي ته بجلي جي فراهمي بنا رڪاوٽ برقرا رهي. هو حيدرآباد ۾ حيسڪو پاور ونگ ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي حيسڪو چيف مظفر عباسي ۽ ٻيا ??ه موجود هئا. ه?? چيو ته تيز طوفاني هوائن سان ننڍا ننڍا نقصان ٿيا ??هن جڏهن ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي سبب بجليءَ جي نظام ۾ ڪوبه وڏو خلل نه آيو، پر آر ايل اين اين جي گيس جي فراهمي متاثر ٿي آهي، هاڻي گيس به وٺي ڇڏي آهي. ه?? چيو ته جهمپير ۾ 8 پول تيز هوائن سبب ڪِري پيا، انهن تي ڪم جاري آهي. سجاول، لاڏيون گرڊ اسٽيشن متاثر ٿيو آهي، اڄ تائين اهي به بحال ٿي ويندا، جتي جتي ضرورت پئي اين ٽي ڊي سي ۽ ڊسٽري بيوشن عملو گُهرايو پيو وڃي. ملتان ۽ فيصل آباد مان 2 هزار ماڻهو پهچي رهيا ??هن، حيسڪو به هڪ منصوبو ٺاهيو آهي. ه?? چيو ته توانائي واري وزارت قومي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي، بائپر جواءِ تي قومي تاثر اچي رهيا ??هن، سڀئي ان کي مُنهن ڏيڻ ۾ تعاون ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي. ه?? چيو ته برسات ۽ طوفان سبب بجلي جي معمول جي فراه??ي ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جيڪڏهن ٿي رهي آهي ته ا?? جو سبب اهو آهي ته حيسڪو جي نقصان تمام گهڻو آهي ان لاءِ ضابطي تحت لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. ه?? چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ بجلي جي فراهمي جلد بحال ڪئي ويندي. حيسڪو جي 12 ٽرانسميشن ۽ 90 فيڊرز آهن جن تي طوفان سان اثر پئجي سگهي ٿو. ه?? چيو ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا آهن جيتوڻيڪ ڪجهه اڻٽر سببن جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بجلي جي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي رهيا ??هيون. ه?? چيو ته قومي پاليسيءَ تحت هر صارف کي مساوي ٽيرف ڏنو وڃي ٿو.