راوالپنڊي- 25 مئي (اي پي پي)پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪو ڪجهه 09 مئي 2023ع تي ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، شهي??ن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ انهن جي وقار کي مجروح ڪندڙن کي قوم ڪڏ??ن به معاف نه ڪندي ۽ نه ئي انهن کي وساري سگهندي ۽ ان عمل کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي( آءِ ??يس پي آر) مطابق يوم تڪريم شهده پاڪستان جي حوالي سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو. آرمي چيف اسلام آباد پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏو گڏ پوليس جي شهي??ن جي وارثن کي پڻ خط??ب ڪيو . آرمي چيف چيو ته اهي شهيد جن کي الله پاڪ حيات جاودان عطا فرمائي سندن قربانين کي ڪير به ضايع نٿو ڪري سگهي.پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت ۽ لوهه جي ڀت جيان آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وقار خاطر ڪن??ن به قرباني کان ڪڏ??ن به نه ڪيٻائيبدا. هن چيو ته شهي??ن جي وارثن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستاني عوام ۽ پاڪ فوج سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهي??ن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گڏ بيٺل رهندي. پوليس لائين آمد تي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال آءِ ??ي پوليس اسلام آباد داڪٽر اڪبر ن??صر خان ڪيو.