اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪري ??ڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ ??عل??م جا شعبا بري ??رح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر ??هڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي فاتا جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي اڳواڻن جو ??عل?? مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن چيو ته ب??قس??تي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو فاٽا پٺتي پيل آهي، ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي ڪري ??ڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ ??عل??م جا شعبا بري ??رح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صحت ۽ ??عل??م جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي، علائقي جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قبائلي علائقن جي ماڻهن ۾ محرومي جو احساس ختم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ملڪ جي لاءِ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي قربانين کي پڻ ساراهيو. قبائلي اڳواڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو رستن، ??عل??م، صحت ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهن. قبائلي اڳواڻن چيو ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن، اندروني چرپر ۽ ماڻهن کي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري ??نهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي فآٽا جي لاءِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.