اسلام آباد – 29 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ائين لڳي ٿو ته عمران نيازي جي مع??شت ۽ ان جا ڪم ڪندڙ وسيع ماحول بابت سمجهه بوجهه ڪافي محدود آهي، اهي معاشي چئلينجن ۾ پنهنجي ڪردار کي به وساري ڇڏين ٿا، آءِ ايم ايف معاهدي کي ختم ڪرڻ کان وٺي هن سدائين پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي خواهش ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهي ان جي نان اسٽاپ احتجاج، لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي سياست جا منفي اثر ان کانسواءِ آهن جيڪي سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي حوالي سان مع??شت ت?? پيا ??هن. وزيراعظم چيو ته ايستائين جو پاڪستاني سيڙپڪار به عمران نيازي پاران ڄاڻي واڻي ٺاهيل اهڙي غيرمستحڪم ماحول ۾ پنهنجو سرمايو لڳائڻ کان پاسو ڪري رهيا ??هن. وزيراعظم چيو ته رڳو 9 مئي جي خوفناڪ واقعن مع??شت کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ۽ اهو ان جي ڪڌي ارادن جي ناقابل ترديد تائيد آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪرپشن جي ڪسز جي ڪثرت جو ذڪر نه آهي جن ۾ هو ملوث آهي. وزيراعظم چيو ته معاشي چلينجز درپيش ضرور آهن پر قيامت اسان جي مٿان گذري چڪي آهي، مع??شت کي مضبوط بڻائڻ ۽ وقت سر پاليسي جي ذريعي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسان دوستن ۽ حصيدارن سان گڏجي مالياتي خال کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون جتي ضرورت هجي. وزيراعظم چيو ته اسان جي لاءِ اصل چئلينج درآمدات تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ آهي جيڪو ان ئي وقت ممڪن آهي جڏهن اسان برآمدات، سيڙپڪاري ۽ پيداوار کي مع??شت جو انجڻ بڻايون، اتان ئي اسان جي ڪوشش اڳتي وڌي رهي آهي.