اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پر????هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پر????هي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آهي. پر????هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پر????هي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 پاڪستانين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پاڪستانين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم سوڊان ۾ موجود پاڪستانين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ خطي جي دوست ملڪن خاص طور تي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پر????هي وزير چيو ته آئون خطي ۾ اسان جي مشنز جي محنت ۽ پر????هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پر????هي آفيس جي پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪوآرڊينيشن جي عمل جي قيادت ڪري رهيو آهي.