اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته اسان جي سياسي اڳواڻن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪري 1973ع جو متفقه آئين جوڙي تاريخ لکي، آئين سمورين وفاقي ڌرين کي قيامت تائين هڪ ڏور ۾ ٻڌي رکندو، موجوده اتحادي حڪومت گڏجي درپيش چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي. آئين جي گولڊ جو??لي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيم??لي ۾ منعقد ڪنوينشن ۾ آئين جي گولڊن جو??لي قرارداد پيش ڪندي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چي?? ته 10 اپريل پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. هن ڪنوينشن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي چي?? ته مختلف موقعن تي آئين ۾ ٿيندڙ ترميمن جي باوجود اهو زندهه آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني عدل ۽ انصاف جي بول بالا جي لاءِ مختلف نظرين ۽ سوچ رکندڙ پارٽين گڏجي آئين جوڙيو، ذوالفقار علي ڀٽو شهيد، مولانا مفتي محمود، مولانا شاهه احمد نوراني سميت ٻين اڳواڻن اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو جنهن کي وساري نه ٿو سگهجي. هن چي?? ته 1999ع ۾ پهريون ڀيرو نظريه ضرورت کي ايجاد ڪيو ويو ۽ ڪهڙي طرح هڪ چي?? جسٽس هڪ ڊڪٽيٽر کي 7 سالن جي رعايت ڏئي ڇڏي، آئين کي ڪجهه وقتن تي ري رائيٽ به ڪيو ويو، 1973ع جو آئين جوڙيندڙن هڪ تاريخ لکي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين گڏجي ملڪ کي مشڪل حالتن کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت سنڀالي، جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين ته چي?? پئي ويو ته ه?? اتحادي حڪومت هڪ مهينو به نه ه??ندي، اڄ هڪ سال ٿي ويو آهي، چئلينجز ۽ مشڪلاتون ضرور آهن پر جڏهن پڪوپهه ڪري ڇڏيو ته گڏجي هلڻو آهي ۽ ڪم ڪرڻو آهي ته توهان اڳتي وڌو ٿا. هن چي?? ته اسان سان شامل سياسي پارٽين مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين پنهنجي پنهنجي منظور تحت اليڪشن ۾ وڃڻو آهي پر جڏهن اهو طئي ڪيو وڃي ته اسان کي گڏجي معاملن کي هلائڻو آهي ته وڏا وڏا چئلينجز عبور ٿي وڃن ٿا. هن آئين سازن کي سلام پيش ڪندي چي?? ته آئين جوڙيندڙن ڇڪتاڻ بدران مفاهمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ پاڪستان کي هڪ متفقه آئين ڏنو. هن چي?? ته سمورين ترميمن ۽ مشڪلاتن جي باوجود آئين چئني وفاقي ڌُرين کي هڪ ئي ڏوري ۾ ٻڌي رکيو آهي ۽ قيامت تائين جوڙي رکندو. هن قومي اسيم??لي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ سينيٽر ميان رضا رباني کي گولڊن جو??لي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.