اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بج??ي جي چوري روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، اها ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن جي دائري اختيار ۾ منتقل ڪرڻ تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بج??ي چوري، عدم وصولين ۽ لائين لاسز جي نتيجي ۾ خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وفاق ۽ صوبن ۾ بلن جي وصولي لاءِ موجود انت??ام?? ڍانچي جو موازنو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو نظام صوبن جي حوالي ڪرڻ آئيني قدم آهي. ان قدم سان بلن جي وصولي ۽ بج??ي چوري جي روڪٿام ۾ خاطرخواهه بهتري ايندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بج??ي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نظام جي منتقلي جي لاءِ سڀ کان اڳ سنڌ حڪومت ??فاقي حڪومت سان رابطو ڪيو هو. وزيراعظم ڪميٽي کي جلد حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بج??ي چوري ڪندڙ عنصرن جو موثر خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته وفاق صوبن جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ فني مدد فراهم ڪندو، صوبن وٽ بج??ي جي بلن جي وصولين جي لاءِ بهتر انت??ام?? ڍانچو موجود آه??، وصولين جي لاءِ بهتر انت??ام?? ڍانچو بج??ي جا گردشي قرض ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباس??، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون جهازيب خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير، اعظم خان، پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.